ذبيح الله

ذبيح الله: ’ذبيح الله‘ حضرت اسماعيل عليه السلام جو الله تعاليٰ طرفان عطا ڪيل لقب آهي، جنهن جي معنيٰ ’خدا جي نالي تي قربان ٿيندڙ‘ آهي. روايت آهي ته جڏهن حضرت ابراهيم عليه السّلام خواب ۾ پنهنجي پٽ حضرت اسماعيل عليه السّلام کي الله جي نالي تي ذبح ڪندي ڏٺو ته پهرين حيران ٿيو، پر جڏهن لڳاتار ٽي ڏينهن اهو ساڳيو خواب ڏٺائين ته آخر امر خدا تي راضي رهي، سڄي حقيقت پنهنجي پٽ حضرت اسماعيلعه کي ٻڌايائين ته حضرت اسماعيل هڪدم قربان ٿيڻ لاءِ راضي ٿي ويو. جڏهن حضرت يعقوب پنهنجي فرزند کي ذبح ڪرڻ جو ارادو ڪيو ته سندس اها قرباني (قرآن موجب) قبول ڪندي، الله پاڪ جانورن جي قربانيءَ لاءِ حڪم نازل ڪيو. هن عظيم قربانيءَ جي قبوليت تي حضرت اسماعيلعه کي رب العزت جي طرفان ’ذبيح الله‘ جو لقب عطا ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو